پير محمد پانڌياڻي

پير محمد پانڌياڻي (لارين وارو ):پير محمد پانڌياڻيءَ 1901ع ۾ جنم ورتو. 1920ع ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار شروع ڪيائين، ان ڪري عام ماڻهن وٽ ’لارين وارو‘ مشهور ٿيو. تحريڪِ آزاديءَ جو گمنام سپاهي رهيو آهي. خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. قائداعظم محمد علي جناح جي هدايتن تي چونڊن ۾ مسلم ليگ جي اميدوارن جي مدد ڪيائين ۽ کيس ورڪ لاءِ پنهنجون بسون ۽ ٽرڪون ڏنائين. قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي بارڊر تي مهاجرن جي آمد وقت سندن آبادڪاريءَ لاءِ ڪم ڪيائين. علم ۽ ادب جو شوقين هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ علامه اقبال جو عاشق هو. 30 آگسٽ 1968ع ۾ وفات ڪائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.00.00  عيسوي

پير محمد پانڌياڻيءَ 1901ع ۾ جنم ورتو


1968.08.30  عيسوي

پير محمد پانڌياڻي 30 آگسٽ 1968ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ذاڪر حسين ڊاڪٽر
جارج اسٽيفنسن
خواجه محمد سعيد
رسول بخش خان ڀٽو
عابده گهانگهرو ڊاڪٽر
سيد محمد اختر حڪيم
عـاقـب جـاويـد
دودو-II
آفندي حسن علي
اختر رند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون